راحت المؤمنين

راحت المؤمنين (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ 1130هه/ 1717ع ۾ قديم سنڌيءَ ۾ لکيو. هيءُ ڪتاب سنڌي نظم ۾ ’ذبح ۽ شڪار‘ جي مسئلن بابت لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ جانور کي ذبح ڪرڻ جا مسئلا، حلال ۽ حرام جانور، پکين ۽ مڇيءَ جي بيان سان گڏ، شڪار متعلق حلال جانورن ۽ پکين جو بيان تحقيقي پيرائي ۾ ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻه باب آهن، پهريون ذبح جي باري ۾ ۽ ٻيو شڪار جي باري ۾آهي.
راحت المؤمنين‘ ۾ مڇي ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ ٻين جانورن ۽ مڪڙن جو بيان به آندو ويو آهي. آخر ۾ انهن ڏهن جانورن جو ذڪر آهي، جن جو گوشت حضور صلي الله عليه وسلم جن کاڌو. هن ڪتاب ۾ ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ۽ ڪي ٽن مصرعن وارا آهن ۽ ڪي وڌيڪ مصرعن وارا پڻ آهن. 56 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1312هه/1894ع ۾ مولوي محمد عثمان، مجتبائي، پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ 25 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن ۽ هن ڪتاب جا ڇپيل نسخا سنڌ جي اڪثر ڪتبخانن ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو